پشاور-16 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حق جي ويڙهه – آپريشن بنيان مرصوص ۾ شاندار ڪاميابي تي يوم تشڪر جي سلسلي ۾ پشاور ۾ شهيدن جي يادگار وٽ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي انسپيڪٽر جنرل فرنٽيئر ڪور نارٿ سان گڏ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.