اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولات واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وجودي خطرن مان هڪ آهن، گرين سڪوڪ مان حاصل ٿيندڙ فنڊن کي سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي منصوبن لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو، گهڻ رخي، ٻطرفا حصيدار ۽ سيڙپڪار پاڪستان ۾ ٽيڪس، توانائي، ايس او ايز، نجڪاري، پبلڪ فنانس ۽ پينشن سميت مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو تسلسل چاهين ٿا. پاڪستان جي پهرين ساورن گرين سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته شروعاتي طور تي گرين سڪوڪ مان 30 ارب روپيا حاصل ڪيا ويندا ۽ اهي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فهرستي حيثيت رکندا، گڏيل قرضن ۾ سڪوڪ جو حصو 14 سيڪڙو ٿي ويو آهي، ان حوالي سان اسان ملائيشا جي ماڊل جي پيروي ڪرڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته گرين سڪوڪ مان حاصل ٿيندڙ فنڊن کي سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي منصوبن لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو، ڇاڪاڻ ته موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وجودي خطرن مان هڪ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته خانگي شعبي کي ملڪي معيشت جي قيادت ڪرڻ گهرجي. موسمياتي تبديليون ۽ ڪلائميٽ فنانسنگ ۾ خانگي شعبي جو ڪردار اهميت وارو آهي. هن چيو ته اسان بهترين عالمي طريقيڪار موجب ڊيبٽ مينيجمينٽ آفيس جي ري اسٽرڪچرنگ ڪري ان کي ٻيهر منظم بڻائي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ مختلف منصوبا سامهون ايندا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي 100انڊيڪس جي نئين رڪارڊ تي مبارڪون ڏيان ٿو. ان سان ملڪي معيشت ۽ پاڪستان جي مسلسل ڪاميابين تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٻنهي لاءِ وڌيڪ سٺيون خبرون اينديون. هن چيو ته واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ تازو ئي گهڻ رخي، ٻطرفا حصيدارن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿيون آهن. انهن ملاقاتن مان اسان کي ٻه پيغام مليا آهن، پهريون اهو ته گهن رخا ٻطرفا حصيدار ۽ سيڙپڪار پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام مان خوش آهن، انهن پاڪستاني معيشت جي استحڪام جي رفتار، نظام ۽ وقت جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان جو ڪريڊٽ هو اڳوڻي ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد کي ڏيڻ چاهي ٿو جنهن پنهنجي دور ۾ پاڪستاني معيشت لاءِ رستو مقرر ڪيو هو ۽ اسان لڳاتار ان رستي جي پيروي ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جون تياريون جاري آهن ۽ ان حوالي سان مختلف حصيدارن سان صلاح مشورا ۽ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اسان کي ان حوالي سان فيبروري کان تجويزون ملي رهيون آهن، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وفاقي بجيٽ پاڪستان لاءِ اقتصادي ايجنڊا تي ٻڌل پاڪستاني معيشت جي اسٽريٽجڪ رخ جي عڪاسي ڪري. ناڻي واري وزير گرين سڪوڪ جاري ڪرڻ ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ تي بئنڪن جو شڪريو ادا ڪيو.