راولپنڊي / اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي، پوري قوم پنهنجي سپاهين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين جي سدائين معترف رهندي. صدر ڀارت جي خلاف معرڪه حق ۾ شهيد ٿيندڙ اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف شهيد جي گهر ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف شهيد جي گهر پهچي صدر شهيد جي والد ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ وطن جي دفاع ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي، پوري قوم پنهنجي سپاهين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، اسان پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين جا سدائين معترف رهنداسين. صدر آصف علي زرداري شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ۽ درجن جي بلندي جي دعا ڪئي. هن شهيد جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.