اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ ڪنهن جي خلاف جارحاڻا ارادا نه ٿو رکي جڏهن ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري، جاگرافيائي سالميت ۽ قومي مفادن تي ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪندو، اسان جي سرزمين جي خلاف ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. شڪراني جي ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ آپريشن بُنيانِ مرصوص جي ڪاميابي ۽ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، آئون الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان جو هن اسان کي ان نازڪ گهڙيءَ ۾ فتح سان نوازيو، آئون ان ڪاميابي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دلير سپاهين ۽ پوري فوجي قيادت خاص طور تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ايئر اسٽاف ۽ چيف آف نيول اسٽاف کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اها ڪاميابي رڳو پاڪستان جي فوج جي نه آهي پر پوري قوم جي ڪاميابي آهي جيڪي دشمن جي جارحيت جي خلاف بُنيانِ مرصوص وانگر بيٺل رهيا. هن چيو ته مون کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي جن ڀارتي اشتعال انگيزي جو انتهائي پيشيواراڻي انداز، درستگي ۽ قوت سان جواب ڏنو، مون کي خوشي آهي ته دنيا پاڪستان جي صبر ۽ تحمل جو اعتراف ڪيو ۽ اسان جي ان آپريشنل مهارت کي به تسليم ڪيو جنهن دشمن کي پنهنجي جارحيت کان پاسو ڪرڻ تي مجبور ڪيو، اسان ثابت قدم ۽ متحد رهياسين ۽ وقار سان فتحياب ٿياسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جي عزم کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان سنڌ طاس معاهدي جي ڪنهن هڪطرفي معطلي کي رد ڪريون ٿا ڇو ته معاهدي ۾ هڪطرفي معطلي جي ڪا شق موجود نه آهي، پاڪستان پنهنجي پاڻي حقن جي تحفظ جي لاءِ قومي طاقت جا سمورا ذريعا استعمال ۾ آڻيندو. هن چيو ته اسان پنهنجي بهادر سپاهين کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو ۽ دشمن آڏو ڄمي بيٺل رهيا، انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته بطور صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان، آئون اڄ اهو ورجاءُ ڪريان ٿو ته اسان سدائين پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل رهنداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي دفاع لاءِ جبل وانگر بيٺل رهنداسين. الله تعاليٰ اسان جي وطن کي سلامت رکي. آمين! پاڪستان پائنده آباد.