اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيواراڻي هٿياربند فوج دشمن کي انهي جي زبان ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهري باب لکي ڇڏيو آهي ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي اها ڪارروائي بوسيده نظريي جي خلاف هئي جيڪو انسان دشمني، جارحيت، مذهبي جنون ۽ تعصب تي قائم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شڪراني جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ڀارت جي کليل جارحيت ۽ اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي ۽ فتح تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت بزدلي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ۽ بيگناهه پاڪستاني شهري شهيد ٿيا ۽ اسان کي انهن بيگناهه شهرين جي خاطر جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دنيا ڏٺو ته تمام گهڻي وڏي دشمن کي گوڏا کوڙڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳا، جيڪي جهاز ڀارت جو غرور هئا هاڻي راک ۽ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي شاهينن دشمن تي ڪاري ضرب هنئي، اهو اسان جو ڏند کٽا ڪندڙ جواب هو. پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيواراڻي هٿياربند فوج دشمن کي انهي جي زبان ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهري باب لکيو آهي ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. دشمن جا فوجي اڏا، هٿيارن جا انبار ۽ ايئر بيسز ڏسندي ئي ڏسندي سڀ کنڊر بڻجي ويا. انهن جا رافيل اسان جي شاهينن جي نشاني تي آيا ۽ الله جي فضل سان ناڪام ٿيا. هن چيو ته اسان جي اها ڪارروائي ان بوسيده نظريي جي خلاف هئي جيڪو انسان دشمني، جارحيت، مذهبي جنون ۽ تعصب تي قائم آهي. اها اسان جي غيرت ۽ اصولن جي فتح آهي. اها پاڪ فوج سان گڏوگڏ خوددار، غيرتمند ۽ باوقار پاڪستاني قوم جي ڪاميابي آهي. پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته آئون پاڪ فوج جي انهن سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن معرڪه حق جي تڪميل ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. وزيراعظم چيو ته آئون ان موقعي تي پنهنجي ۽ قوم پاران جنرل سيد عاصم منير جا دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو ته جنهن جي دانشمنداڻي ۽ دليراڻي قيادت ۾ اهو عظيم معرڪه سر ٿيو. آئون ان سان گڏوگڏ چيف آف ايئر اسٽاف ظهير بابر ۽ سندس شاهينن کي وڏي گرمجوشي سان شاباس ڏيان ٿو جن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن. آئون پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جي قيادت ۾ پاڪستان نيوي پاڪستان جي سامونڊي پاڻين جي حفاظت ڪندي رهي. هن چيو ته آئون سمورين اتحادي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سميت سڄي ملڪ جي سياسي قيادت ۽ پارليامينٽرين جا دلي طور ٿورا ادا ڪريان ٿو جن بي مثال اتحاد ۽ تاريخي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو.