اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي شاندار فتح تي الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪر گذار آهيون. وطن جي شهيدن کي سلام، جن جي بي مثال قربانين عيوض انصاف جي جنگ ۾ ڪاميابي ملي. بزدل دشمن هميشه وانگر هن ڀيري به رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو. شڪراني واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي بهادر پٽن دشمن کي هڪ قيمتي سبق سيکاري شڪست ڏني. دشمن، طاقت جي غرور ۾ مست، ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. پاڪستان جي شاهينن 6 هندستاني جهازن کي ڪيرائي فضائي جنگ ۾ نئين تاريخ لکي. پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي وڏي ڪاميابي جو هڪ سونهري باب لکيو. محسن نقوي چيو ته هي پاڪستاني هٿياربند فوج سان گڏ خود دار ۽ باوقار پاڪستاني قوم جي فتح آهي، جنهن تي هر پاڪستاني کي فخر آهي. مان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ظهير احمد بابر ۽ پاڪستان نيوي جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ٽنهي سروسز چيفس جي دانشمندي ۽ دلير قيادت ۾، بهادر پٽن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.