اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۽ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪ – ڀارت جنگ بندي کانپوءِ جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪ – ڀارت جنگ بندي ۾ اهم ڪردار تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سفير جو ٿورو مڃيو. سندس چوڻ هو ته ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ جنگ بندي جو ڪريڊٽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏانهن وڃي ٿو. آمريڪي صدر خطي کي تباهي کان بچائي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مثبت خيالن جي آجيان ڪريون ٿا. آمريڪا سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. وقتي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان سان بهترين لاڳاپا آهن. آمريڪا مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا به ان موقعي تي موجود هو.