راولپنڊي – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان ايئر فورس جي ڪامره ۾ قائم آپريشنل بيس جو دورو ڪيو جتي کيس پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم پائليٽس، انجنيئرز ۽ ٽيڪنيڪي عملي سميت فرنٽ لائين اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي پيشيواراڻي مهارت، درستگي ۽ قومي دفاع جي لاءِ بي مثال عزم کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم جي دوري جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، دفاع وارو وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، آرمي چيف ۽ ايئر چيف پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اشتعال انگيز جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج غيرمعمولي تحمل، حڪمت عملي ۽ عملي مهارت جو مظاهرو ڪيو. اسان جي فوج جو فوري ۽ ٽارگيٽيڊ جوابي قدم نه رڳو دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو پر دشمن جي عسڪري ٺڪاڻن کي پڻ نقصان پهچايو، جيڪو اسان جي خودمختياري جي دفاع لاءِ اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوم کي پنهنجي فوج جي عزم ۽ حوصلي ۽ چوڪس رهڻ تي فخر آهي. آرمي چيف جي مدبراڻي قيادت ۾ اسان جي هٿياربند فوج هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ، سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل ڪاميابين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پامپور، سرينگر جي اوڀر ۾ ڀارتي فضائيه جي ڇهين جهاز (ميراج 2000) کي ڪاميابي سان ماري ڪيرائڻ جي تصديق، پاڪستان ايئر فورس جي جنگي مهارت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو مظهر آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو جي ويزنري قيادت کي ساراهيو ۽ ايئر فورس کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي موثر انضمام ۾ سندس اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جي بهادر فضائيه ۽ مخلص فضائي عملي کي منهنجو سلام آهي، توهان جي جرئت، مهارت ۽ عزم، پاڪ فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي روح جي عڪاسي آهي. توهان ملڪ جي فضائي حدن ۽ خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر لمحي تيار ۽ پنهنجي سرزمين جي هڪ هڪ انچ جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. ڪنهن به جارحيت جو وقت سر، مناسب ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پوري قوم متحد، چوڪس ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم جي اچڻ تي ايئر چيف سندس استقبال ڪيو.