اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) سينيٽ هڪ ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي اڳرائيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته ”بنيان مرصوص“ ذريعي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪستاني فوج جي پُختي عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ويو آهي. ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اهو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته بري فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب آپريشن ”بنيان مرصوص“ دوران پُختي عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو جيڪو ڀارت جي چِڙ ڏياريندڙ اڳرائيءَ خلاف ڪيو ويو، ان کي متوازن ۽ ريزوليوٽ آپريشن سان مادرِ وطن جي قومي سلامتي ۽ علائقائي خودمختياري کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملي ۽ پاڪستان جي ذميدار ايٽمي ملڪ جي سڃاڻپ اُڀري سامهون آئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اسان قوم جي طاقت، حوصلي، اتحاد عطا ڪرڻ، ڀارت جي اُگهاڙي اڳرائي خلاف عزت ۽ وقار سان تحفظ ۽ فيصلائتو، اخلاقي ۽ اسٽريٽجڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي اسان الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا، پاڪستاني عوام کي مبارڪ هجي، سمورين سياسي، مذهبي ۽ نظرياتي ورڇ باوجود پوري قوم پُختي اتحاد جو مظاهرو ڪيو، پوري پاڪستاني قوم هڪ مقصد تي هڪ آواز ٿي وئي جيڪا ملڪي سلامتي، علائقائي خودمختياري ۽ پاڪستان جو وقار هو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج کي سندن بهادري، ڊسيپلين، مثالي مهارتن ۽ عظيم ڪاميابيءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن شاندار پيشيوراڻي حب الوطنيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ سيڪيورٽي چئلينجز جو ريزوليوٽ فوجي ڪارروائيءَ سان جواب ڏنو. پاڪ فضائيه ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ دشمن جي فوجي طاقت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن اسٽريٽجڪ توازن ۽ ريڊ لائن کي برقرار رکيو، پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن تي اعتماد جو دنيا ۾ اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ ساراهيو پيو وڃي. ٺهراءُ ۾ بهادر شهيدن جي قربانين جو اعتراف ڪيو ويو جن قومي سلامتي ۽ ملڪي وقار لاءِ پنهنجي جانيون قربان ڪيون، اهي بهادر پُٽ قوم جي دلين ۾ زندهه رهندا. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان ڀارت جي چِڙ ڏياريندڙ اڳرائي ۽ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين جي شهادت ۽ مسجدن تي حملن جي مذمت ڪري ٿو ۽ ڏکويل ڪٽنبن سان ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. مشڪل وقت ۾ پُختي ۽ اصولي حمايت تي دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان جي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، سمورن تڪرارن جو مخلصاڻه، ڍانچه جاتي ۽ جامع ڳالهين خاص ڪري ڄمون ڪشمير تي ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا ۽ حڪومت تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اُمنگن موجب پائيدار ۽ منصفاڻي حل لاءِ عالمي برادريءَ سان ڳالهيون ڪري. ٺهراءُ ۾ سنڌ طاس معاهدي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ويو ته پاڪستان پاڻيءَ جي پنهنجي جائز حق جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو قومي سلامتي، عالمي معاهدن، معاشي استحڪام ۽ سلامتيءَ جو هڪ اهم جُز آهي. سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي ڀڃڪڙيون خاص طور تي پاڪستان جي حصي جي پاڻيءَ کي گهٽ ڪرڻ يا رُخ موڙڻ جي ڪابه ڪوشش عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهو نه صرف انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي پر ان جا عالمي ۽ علائقائي سطح تي سنگين اثر پوندا، پاڪستان ان روشنيءَ ۾ ڀارت جي ڪنهن قدم کي جنگ تصور ڪندو، اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته هي ايوان پنهنجون آئيني ۽ قانوني ۽ جمهوري ذميداريون پوريون ڪندو، پاڪستان جي قومي مفاد، اتحاد ۽ امن ۽ سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان ٺهراءُ جي گڏيل طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.