ڪامره – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي شاهينن ڪجهه ڪلاڪن ۾ دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پاڪستان جي ڀرپور جواب طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو، دشمن کي اهو پيغام ڏئي ڇڏيو ته هاڻي ٻيهر ڪڏهن به ميري اک سان اسان طرف ڏٺو ته ان کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏينداسين، جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ ڀارت ملوث آهي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو حل لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامره ايئربيس جي دوري جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي شاهينن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين پاران عظيم ۽ شاندار فتح تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، قوم جي عظيم مائرن جي فرزندن سان ملاقات ٿي جن مختصر جنگ ۾ دشمن جا نه رڳو ڏند ٽوڙيا پر ان جي گهمنڊ ۽ غرور کي پنهنجي اعليٰ ترين پيشيواراڻي مهارت ۽ دليري سان خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، 6 مئي کان 10 مئي دوران پوري دنيا کي توهان پنهنجي اعليٰ ترين مهارت سان حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، دشمنن جون اکيون کولي ڇڏيون، دوستن جي اعتماد کي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي شاندار فتح اڳ ۾ ڪڏهن به نصيب نه ٿي، ان شاندار فتح سان توهان دنيا جي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي ان شاندار ڪارڪردگي تي ڳاٽ فخر سان بلند آهن، ڪنڌ الله تعاليٰ آڏو جهُڪيل آهن، دشمن کي اهو پيغام ڏئي ڇڏيو ته هاڻي ٻيهر ڪڏهن به ميري اک سان اسان طرف ڏٺو ته ان کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏينداسين. هن چيو ته سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پوري حڪوت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، 10 مئي تي پوري دنيا ۾ اها گونج ٻڌڻ ۾ آئي ته پاڪستان اها جنگ پنهنجي فني مهارت سان کٽي ورتي. پاڪ فضائيه ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سان مهارت حاصل ڪئي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي شاهينن ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، ڊرون ڪيرايا ويا، دشمن آبادي جي لحاظ کان تمام گهڻو وڏو آهي ۽ هن اربين ڊالر خرچ ڪري هٿيار خريد ڪيا ۽ دنيا ۽ عالمي طاقتن کي ٻڌايو ته هو ئي خطي جو ٿاڻيدار آهي، توهان ان نام نهاد ٿاڻيدار جو بُت 10 مئي تي پاش پاش ڪري ڇڏيو ۽ رهندڙ دنيا تائين هو ڪڏهن هاڻي اهڙي طرح غرور ۽ گهمنڊ ۾ مبتلا نه ٿيندو. هن چيو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ جرئت، بهادري ۽ دليري سان انهن جوانن اها تاريخ لکي آهي جيڪا قيامت تائين دوست ۽ دشمن پڙهندا رهندا، دشمن کي شڪست ڏئي ملڪ جو جهنڊو بلند ڪيو، دنيا هاڻي ان جهنڊي کي احترام سان ڏسي رهي آهي، توهان جي بهادري، جرئت ۽ دليري کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دل آهي ۽ هن جنگ دوران پوري قوم پاڪ فوج جي ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات دعائون ڪيون، ٽي رافيل ڪيرايا ويا. قيامت تائين دنيا ۽ مودي ان کي ياد رکندا. هن چيو ته هن فتح سان ايم ايم عالم، سرفراز رفيقي جي بهادري ۽ شجاعت جنهن مهارت ۽ ٽيڪنيڪل انوويشن سان اها جنگ وڙهي آهي ان تي پاڪ فضائيه جو سربراهه مبارڪباد جو مستحق آهي ۽ سندس خدمت سنهري لفظن ۾ ياد رکي ويندي. هن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت عسڪري قيادت ۽ پاڪ فوج جي جوانن ٺوس مشاورت ۽ قدمن سان مثال قائم ڪيو. هن چيو ته انهن فرزندن جان جوکم ۾ وجهي پنهنجي ملڪ جي دفاع جي جنگ وڙهي، اسان صبر ۽ تحمل ۽ برداشت جو دامن نه ڇڏيو، دشمن اسان جي امن جي خواهش کي جنهن غرور ۾ ٺڪرايو ان تي اسان سوچي سمجهي دشمن کي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته دشمن معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو، اهي ملڪ جو مستقبل هئا، اهي ٻار ۽ عورتون بيگناهه هئا. هن چيو ته اسان جي دلير آفيسرن صحيح نشانو لڳائي دشمن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ ان جا هوش گم ٿي ويا، وطن جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، پوري قوم ان جي لاج رکندي، پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائداعظم جو پاڪستان ٺاهي رهنداسين. هن چيو ته اسان کي امن جي ضرورت آهي، ڪو دشمن امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي. هن چيو ته شهيد خاندانن جي ڪفالت جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين. ڀارت جي جنگي جنون جو بخار لهي چڪو آهي، هاڻي امن جي ڳالهه ڪري اسان تيار آهيون، ان امن جي لاءِ لازمي شرطون توهان کي چڱي طرح معلوم آهن. والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڏيڻو پوندو. واديءَ ڪشمير ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، اها تحريڪ اڄ به زندهه آهي انهن جي حق ملڻ تائين زندهه رهندي. اچو ويهي ان تي ڳالهه ڪريون، اهو تڪرار ڪڏهن به ٻيهر جنگ جي باهه کي ڀڙڪائي سگهي ٿو ان کي ختم ڪريون، پهلگام جي حوالي سان پاڪستان تي ڪوڙو الزام هڻي ڀارت پوري دنيا ۾ پاڻ تان کل ڪرائي، دنيا کي خبر پئجي وئي ته اهو وڏي طاقت جو ڪوڙ ۽ کوکلوپن آهي جنهن کي پوري دنيا ڏٺو. دنيا جي اڪثريت پاڪستان جي موقف سان گڏ بيٺل آهي اسان شفاف جاچ تي زور ڏنو. هن چيو ته هي دهشتگردي اسان ناهي ڪئي پر اسان جي بيگناهه ٻارن کي بيدرديءَ سان ماريو ويو. بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ ڀارت ملوث آهي، سمجهوتا ايڪسپريس ۾ هڪ ڀارتي آفيسر ملوث هو. مڪتي باهني ڪنهن ٺاهي؟ پاڪ فوج دهشتگردي جي خلاف برسر پيڪار آهي ۽ دهشتگردي ختم ڪري رهنداسين. جيڪڏهن دهشتگردي ختم ڪرڻي آهي ته گڏجي ويهون ۽ ڳالهه ڪريون، ڪير به دهشتگردي جو نشانو نه بڻجي.