اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادري، قربانين ۽ آپريشن ”بُنيانِ مرصوص“ ۾ تاريخي ڪاميابي تي سڀاڻي (جمعي ڏينهن) تي سڄي ملڪ ۾ ”شڪراني جو ڏهاڙو“ ملهايو ويندو. پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ (سڀاڻي) جمعي ڏينهن شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ معرڪه حق آپريشن بنيان مرصوص ۾ تاريخي ڪاميابي عطا فرمائي، اسان پنهنجي شهيدن کي ياد ڪنداسين، الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ شڪراني جو سجدو ادا ڪنداسين، سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان جي صورت ۾ اسان کي نعمت عطا فرمائي جنهن جو اسان جي پاڪ فوج بهادري ۽ دليري سان دفاع ڪيو ۽ الله تعاليٰ اسان کي فتح ڏياري. ان ڪاميابي تي پوري قوم الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪندي، اسان پنهنجي شهيدن کي ياد ڪنداسين، الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ شڪراني جو سجدو ادا ڪنداسين. هن چيو ته ڏينهن جي شروعات تي هٿياربند فوج ۽ ملڪ جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون، جمعي جي اجتماع ۾ ملڪ ۽ قوم ۽ پاڪ فوج جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي ويندي، سڄي ملڪ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون، شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري ويندي، انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته قائد جي مزار ۽ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿيندي، شهيدن جي يادگارن تي دعائيه تقريبون، گل رکيا ويندا. هن چيو ته سڀاڻي ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿيندي، اسان سڀ گڏجي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪنداسين، الله تعاليٰ هن قوم جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته شڪراني جي ڏهاڙي جي خصوصي تقريب سڀاڻي رات جو پاڪستان مونومينٽ اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان هوندو، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ وفاقي وزير تقريب ۾ شريڪ هوندا. مرڪزي تقريب ۾ قوم کي يڪجهتي جو پيغام ڏنو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام پنهنجي گهرن تي پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪائي، شام جو چراغان ڪري ۽ پاڪ فوج، شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري، هي پاڪستاني قوم جي فتح آهي، ان جو به جشن ملهائي، پاڪستان جو جهنڊو هر جڳهه تي لڳل نظر ايندو. پوري قوم شڪراني جو ڏهاڙو پوري عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندي.