اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير پاران هنگو ۾ طوره وڙي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي ايف سي جي جوانن کي خراجِ تحسين ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير ايف سي جي جوانن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته ايف سي جي بهادر پُٽن وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جو حملو ناڪام بنايو. خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ وارا ايف سي جوان قوم جا هيرو آهن. محسن نقوي چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي جرئت تي فخر آهي. ايف سي جا جوان شاباس جا مستحق آهن، پوري ٽيم مبارڪون لهڻي.