حويلي ڪهوٽه-15 مئي (اي پي پي)گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام حويلي ڪهوٽه ۾ حق جي ويڙهه جي ريلي جي اڳواڻي ڪئي. ريليءَ ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن، واپاري برادري، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ صحافي برادريءَ جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙ پاڪستان زندهه باد، پاڪستاني فوج زندهه باد، وزيراعظم محمد شهباز شريف زندهه باد ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير زندهه باد وارا اُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. جاري بيان موجب وفاقي وزير ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي لائين آف ڪنٽرول جي عوام وٽ آيا آهيون. پاڪستاني فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي ۽ـ 25 ڪروڙ عوام پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. ايل ايو سي تي رهندڙ عوام فرنٽ لائين جا مجاهد آهن جيڪي پاڪستاني فوج سان گڏجي ملڪ جو دفاع ڪن ٿا. سندن قربانين جو احساس وزيراعظم ۽ پوري قوم کي آهي. هن ڀارتي گوله باري سبب شهيد ٿيلن جي وارثن سان دلي همدرديءَ جو اظاهر ڪيو ته چيو ته وزيراعظم شهيدن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ زخمين لاءِ 20 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته جنرل عاصم منير جهڙي دلير سپهه سالار کي پوري پاڪستاني قوم خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي. پوري پاڪستاني ۽ ڪشميري قوم پنهنجي فوج جي سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وزير بئريسٽر افتخار گيلاني، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جو نائب صدر چوڌري محسن عزير، سردار ياسر منشا ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. اي