اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اطلاعات جي مرڪزي سيڪريٽري نديم افضل چن، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارٽيءَ جي ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس طرفان جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ گورنر چيو ته پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن جرئت ۽ بصيرت سان ملڪ جي وقار جو انٽرنيشنل ميڊيا تي دفاع ڪيو ۽ ڀارتي پروپيگنڊا کي ناڪام بنايو، اهو مثالي ۽ لاجواب آهي. هن چيو ته پارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ به ان حوالي سان بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن نديم افضل چن جي محنت ۽ لڳن جي دادي ڏني ۽ کيس پارٽيءَ جو قيمتي اثاثو قرار ڏنو. ان موقعي تي نديم افضل چن گورنر جي ڪردار ۽ رويي کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي ويزن جي تڪميل لاءِ هر پليٽ فارم تي اسان پنهنجو ڪردار ذميداري ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪنداسين.