ڪامره – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق ۾ وطن جي دفاع دوران ڀارتي جهازن کي تباهه ڪري پاڪستان جي فضائي برتري قائم ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شاهينن سان ملاقات جي لاءِ ڪامره ايئربيس جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايڪيهين صديءَ جي سڀ کان ڊگهي فضائي جهڙپن مان هڪ ۾ دشمن جي برتري جي خوشفهمي کي خاڪ ۾ ملائيندڙ پاڪ فضائيه جي شاهينن سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت وزيراعظم سان گڏ هُئي.