اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته سکر- حيدرآباد موٽر وي اهم منصوبو آهي، ان منصوبي کي ايندڙ بجيٽ ۾ هر صورت ۾ شامل ڪنداسين، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر حڪومت کي هدايت ڪئي ته رٿابندي وارو وزير 16 مئي تي ايوان ۾ اچي ان منصوبي جي باري ۾ ميمبرن کي آگاهه ڪري. قومي اسيمبليءَ ۾ شرميلا فاروقي، ڊاڪٽر شازيه صوبيه، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، رفيع الله ۽ اسد عالم نيازي جي مالي سال 25-2024ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ حيدرآباد- سکر موٽر وي منصوبي کي شامل نه ڪرڻ تي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي رٿابندي ۽ خصوصي ترقيءَ واري مملڪتي وزير ارمغان سبحاني ٻُڌايو ته هي اهم منصوبو آهي ان ۾ آذربائيجان به دلچسپي وٺي رهيو آهي. پاڪستان جي 5 وڏن منصوبن ۾ شامل آهي. هن وقت ملڪ ۾ جيڪي موٽر ويز ٺهيون آهن اهي اسان جي پارٽي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف ئي ٺاهيون آهن. ايندڙ بجيٽ ۾ انهن منصوبن لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ به بجيٽ رکي ويندي، ان لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۽ غير ملڪي فنڊنگ تي به ڪم ٿي رهيو آهي. ارمغان سبحاني ٻُڌايو ته 24-2023ع جي پي ايس ڊي پي ۾ اهو منصوبو شامل آهي، بدقسمتيءَ سان ان تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو، هن وقت وزيراعظم پنجن ترجيحي منصوبن جي چونڊ ڪئي آهي ۽ ان ۾ سرفهرست سکر- حيدرآباد موٽر وي جو منصوبو آهي. مواصلات واري وزارت به ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ ان منصوبي لاءِ 10 ارب رپين جي ڊيمانڊ ڪئي آهي. هي منصوبو پي ايس ڊي پي جو حصو هوندو ۽ ترجيحي بنيادن تي بڻجندو. ايم ڪيو ايم ايم جي ميمبر سيد حفيظ الدين طرفان به ان منصوبي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هو (اڄ) تي اچي ان باري ۾ ميمبرن جا خدشا ختم ڪري. ڊاڪٽر طارق فضل چيو ته فيصل آباد موٽر وي به ٻن لائينن آهي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اسان جا اتحادي آهن اسان ان کي ايوان بدران گڏجي ويهي ان کي حل ڪري وٺنداسين. حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران بلوچستان ۾ موٽر وي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن. سکر- حيدرآباد موٽر وي پي ايس ڊي پي ۾ شامل هو پر عمل نه ٿي سگهيو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم ايندڙ مالي سال جي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، هي منصوبو ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ شامل هوندو. شرميلا فاروقي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته منصوبي کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته اها موٽر وي وفاقي حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهي. پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو ته منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي آهي فنانشل ڪلوز ٿي چڪو. ارمغان سبحاني چيو ته ترجيحي بنيادن تي پنجن منصوبن کي فهرست ۾ رکيو ويو. نويد قمر چيو ته اسان جو اعتراض ان ڳالهه تي ناهي ته حڪومت سنجيده آهي يا نه، اسان جو اعتراض آهي پي ايس ڊي پي ۾ ڇو شامل ناهي. اعجاز جکراڻي چيو ته مان مواصلاتي ڪميٽي جو چيئرمين آهيان، جڏهن پي ايس ڊي پي ۾ شامل نه ٿيندو ته منصوبو ڪيئن مڪمل ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير مداخلت ڪندي چيو ته اڃا بجيٽ تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي، اسان رٿابندي جي وزير سان سکر- ڪراچي موٽر وي تي ڳالهيون ڪنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته ان ۾ ڪا شڪ جي گنجائش ناهي ته سکر- ڪراچي لائف لائين منصوبو آهي. هي منصوبو اسان جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن خاطري ڪرائي ته جيڪو به ڪرڻو پيو ان منصوبي کي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين.