اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) سينيٽ گرڊ سان نه ڳنڍيل (ذاتي بجلي گهر) ليوي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽر انوشه رحمان رٿ پيش ڪئي ته قدرتي گئس سان هلندڙ گرڊ اسٽيشن سان نه ڳنڍيل ذاتي بجلي گهرن تي ليوي لاڳو ڪرڻ لاءِ مالي بل گرڊ سان نه ڳنڍيل (ذاتي بجلي گهر) ليوي بل 2025ع ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي ۽ منظور ڪيو وڃي. سينيٽ ڄاڻايل بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.