مظفرآباد-15 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جون ڪوششون خاص ڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وقت سر مداخلت سان ڏکڻ ايشيا هڪ وڏي سانحي کان بچي ويو، اسان ڪشميري جتي آمريڪي صدر جي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيون ٿا اتي سندس خاص ٿورو به مڃون ٿا ته هن ڪشمير مسئلي تي ڀارت ۽ پاڪستان کي ثالثي جي آڇ ڪئي آهي ۽ اسان سندس ان آڇ جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا. ڀارت بوکلاهٽ ۾ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو تنهن ڪري هي جنگ بندي مستقل هجڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ايٽمي جنگ کان بچي سگهجي. هن چيوته آمريڪا ڀارت تي زور ڀري ۽ آمريڪا ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ڪنجي ڪشمير مسئلي جي حل ۾ لڪل آهي. اهڙو اظهار ايوان صدر ڪشمير هائوس ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي پوليٽيڪل قونصلر زيچري هرڪنر ائيڊر سان هڪ تفصيلي ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر آمريڪن ايمبيسي جي اعليٰ عهديدارن کي ڪشمير مسئلي ۽ والاريل ڪشمير جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته ڀارت هن وقت بوکلاهٽ ۾ ڪو به غير سنجيده حرڪت ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ ڪو به ننڍو يا وڏو حادثو هڪ وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿو جيڪو پوري دنيا جي امن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿو، تنهن ڪري آمريڪا ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو ڪنهن به انتهائي قدم کان پاسو ڪري. هن چيو ته اسان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا خصوصي ٿورائتا آهيون ته هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پراڻي حل طلب ڪشمير مسئلي تي ثالثي جي آڇ ڪئي آهي ۽ اسان سندس ان آڇ تي دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون. اسان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو جا به ٿورائتا آهيون هن به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڪشمير مسئلي تي ثالثي جو ڪردار ادا ڪري ۽ ان سلسلي ۾ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب سندن خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو رول ادا ڪري.