لاهور-15 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي لاهور ريلوي اسٽيشن جو اوچتو دؤرو ڪيو، جتي هن اسٽيشن تي صفائي سٿرائي، کاڌي جي معيار ۽ مسافرن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو. وفاقي وزير اسٽيشن جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ ويٽنگ ايريا، پليٽ فارمز ۽ کاڌي پيتي جي اسٽالن تي صفائيءَ جي انتظامن جو غور سان جائزو ورتو. هن کاڌي جي معيار ۽ صحت جي اصولن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته هو مسافرن کي معياري ۽ محفوظ خوراڪ جي فراهمي يقيني بنائين. وفاقي وزير اسٽيشن تي ايسڪيليٽر لڳائڻ جي جاري منصوبي جو به جائزو ورتو. لاڳاپيل عملدارن کان اڳڀرائيءَ تي بريفنگ ورتي. هن هدايت ڪئي ته منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بزرگ شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي سهولتون ملي سگهن. وفاقي وزير ويٽنگ ايريا ۽ بزنس لائونج ۾ جاري ترقياتي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻنهي حصن جي مڪمل اپ گريڊيشن 60 ڏينهن اندر اندر مڪمل ڪئي وڃي. هن مسافرن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ريلوي مسافرن کي بهتر کان بهتر خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرعمل عمل آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ريلوي کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن ۽ عوام کي عالمي معيار جهڙيون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو هدف آهي.