اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد جي سفارتي ڪور کي 10 مئي تي اعلان ڪيل جنگبندي ۽ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خيرسگالي جي جذبي طور پاڪستان ۽ ڀارت گذريل ڏينهن هڪ ٻئي جي تحويل ۾ پاڪستان رينجرز ۽ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري جنگبندي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري ”نيو نارمل“ جي قيام بابت ڀارت جي بي بنياد دعوائن جي ڏس ۾ چيو ته ٻطرفي لاڳاپن ۾ واحد ”نارمل“ خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام آهي. هن تڪرار ۽ جهيڙي تي پرامن گڏيل بقاءَ، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو.