اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪٽنبن جو عالمي 15 مئي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد خاندان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. خاندانن جو عالمي ڏينهن هڪ صحتمند ۽ متوازن خاندان جي اهميت کي هٿي وٺرائي ٿو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 1993ع ۾ خاندانن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هر سال اهو ڏينهن 15 مئي تي ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن جي مناسبت سان مقامي، قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا. جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص مضمون شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا.