جوهانسبرگ – 15 مئي (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جو راسي وين ڊرڊوسن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي رهيل ميچن لاءِ اسلام آباد يونائيٽڊ کي پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. 36 سالن جي راسي وين ڊرڊوسن ان کان اڳ ڊرافٽ ۾ پڪ ٿيڻ کانپوءِ ذاتي سببن ڪري پي ايس ايل تان هٿ کڻي ويو هو پر هاڻي راسي وين ڊرڊوسن اسلام آباد يونائيٽڊ کي پنهنجي دستيابي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ به ڊوسن جي ٻين ميچن ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.