پشاور-14 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پيپلز پارٽي بلوچستان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبر علي مدد جتڪ جي قافلي تي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ گورنر چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي ڪارروائي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته علي مدد جتڪ ۽ سندس قافلي تي حملو ملڪ دشمن قوتن جي سازش آهي. حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي ۽ امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.