اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افهام تفهيم جي فضا کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، سنڌ طاس معاهدي کي ڪڏهن به چئلينج ٿيڻ نه ڏيندو، گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ تازي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي سفارتي ڪوششن ۽ تعميري ڪردار جي لاءِ دل سان ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ انهي جذبي تحت ڀارت سان جنگبندي مفاهمت تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن افهام تفهيم جي فضا کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو پر گڏوگڏ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي ڪڏهن به چئلينج ٿيڻ نه ڏيندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گرمجوش، ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال دوران ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي گڏيل فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارات جي صدر امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي حمايت ڪري ٿو.