اسان امن ۽ جنگ ٻنهي جي لاءِ تيار آهيون، مودي اسان کي ڀاشڻ نه ڏي اسان حساب برابر ڪري ڇڏيو، ٻيهر حملو ڪرڻ جو سوچيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه بچي ويو اهو به ختم ٿي ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

سيالڪوٽ – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان امن ۽ جنگ ٻنهي جي لاءِ تيار آهيون، مودي اسان کي ڀاشڻ نه ڏي اسان حساب برابر ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ٻيهر حملو ڪرڻ جو سوچيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه بچي ويو اهو به ختم ٿي ويندو، اسان جي بهادر فرزندن دشمن کي هڪ انچ اڳتي وڌڻ نه ڏنو، پاڻي اسان جي ريڊ لائين …

سيالڪوٽ – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان امن ۽ جنگ ٻنهي جي لاءِ تيار آهيون، مودي اسان کي ڀاشڻ نه ڏي اسان حساب برابر ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ٻيهر حملو ڪرڻ جو سوچيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه بچي ويو اهو به ختم ٿي ويندو، اسان جي بهادر فرزندن دشمن کي هڪ انچ اڳتي وڌڻ نه ڏنو، پاڻي اسان جي ريڊ لائين آهي ان حق تان اسان دستبردار نٿا ٿي سگهون ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، جعفر ايڪسپريس سميت بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پسرور ڪينٽ ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ايئر چيف بابر ظهير سدهو پڻ موجود هئا. هن چيو ته عظيم فتح ۽ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اها ڪاميابي تاريخ ۾ سنهري باب جي طور تي ياد رکي ويندي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو وقار بلند ڪيو، انهن اعليٰ عسڪري مهارت، همت ۽ بهادري سان قيادت جي منصوبابندي تي عمل ڪيو، تمام گهڻي وڏي دشمن جنهن کي اربين ڊالر جي جنگي ساز و سامان خريد ڪرڻ تي ناز، گهمنڊ ۽ غرور هو جنهن کي جوانن خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، مشڪل حالتن ۾ بهترين دفاع ڪيو ۽ دشمن کي هڪ انچ به اڳتي وڌڻ نه ڏنو.

هن چيو ته قوم جي عظيم فرزندن دشمن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو، فضائين ۾ اسان جي شاهينن جهپ هڻي وار ڪري دشمن جي جهازن کي تباهه ڪيو، اهو ڪو معمولي ڪارنامو نه آهي. هن چيو ته ڀارت اهو سمجهيو ٿي ته روايتي جنگ ۾ پاڪستان اسان کان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي پر هن جنگ ۾ اسان جي جوانن ثابت ڪري ڇڏيو ته روايتي جنگ ۾ اسان بهترين مقابلو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ٽيڪنيڪي لحاظ کان جهڙي طرح جنگ وڙهي وئي آهي ان تي ماهر ڊگهي عرصي تائين بحث ڪندا رهندا. هن چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ساحر شمشاد مرزا، سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل بابر ظهير سدهو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ هٿياربند، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ 24 ڪروڙ عوام پاران مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير انتهائي دليري ۽ دانشمندي سان جنگ جي منصوبابندي ڪئي، مون کي ۽ پوري قوم کي ان تي فخر آهي، هي قوم جا فرزند آهن، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل بابر ظهير سدهو جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه ان جنگ ۾ جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنيڪ جو عملي مظاهرو ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جي قيادت ۾ پاڪ بحريه بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اهي قوم جي اکين جا تارا آهن. شهباز شريف چيو ته عسڪري قيادت اڻٿڪ عزم جو مظاهرو ڪيو، انهن دشمن جو جرئت ۽ بهادري سان اڳتي وڌي مقابلو ڪيو، انهن نه رڳو پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو پر اسان جي دشمنن جا هوش ٺڪاڻي اچي ويا آهن ۽ دوستن جا حوصلا آسمانن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کان 1971ع جي جنگ جو بدلو هن جنگ ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ پوري دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان جي فوج هڪ بهادر فوج آهي ۽ دنيا جي ڪا طاقت ان جي شڪست ته پري جي ڳالهه آهي، ان جو ڪجهه بگاڙي به نٿي سگهي. هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج جي پٺيان بيٺل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جو سوچيو ته اها اسان جي ريڊ لائين آهي، پاڻي اسان جو حق آهي، اسان ان جو ڀرپور ردعمل ڏينداسين، 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي بابت ڪڏهن به نه سوچجو، ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ پوءِ واپار ڪري، رڳو واپار نه ٺوس ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، ان کانسواءِ مٺو مٺو اسان هڙپ ٿيڻ نه ڏينداسين. دهشتگردي تي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان هن چيو ته مودي ٻڌائي 1971ع ۾ مڪتي باهني کي تربيت ڪنهن ڏني ۽ ان کي ڀارت کان هن پار موڪليو ۽ بغاوت تي اتساهيو، سمجهوتا ٽرين تي حملو ڪنهن ڪيو؟ اهو سڄي دنيا چڱي طرح ڄاڻي ٿي، بلوچستان ۾ تازن هفتن ۾ ٽرين کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جو افسوسناڪ واقعو ٿيو، ان ۾ بي ايل اي، ٽي ٽي پي ملوث آهن ۽ ان جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون، اسان کي ڀاشڻ نه ڏيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، اها اسان جي بقاءَ جي جنگ آهي ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ مان دهشتگردي جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪنداسين، ان دهشتگردي جي پٺيان ڪلڀوشن ڪير آهي، اهو ڪٿان بلوچستان آيو، هو ڪنهن جي جاسوسي ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان هن خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي چاهيون ٿا پر اسان جي امن جي خواهش کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهجو، ڪنهن غلط فهمي جو شڪار نه ٿِجو. هن چيو ته ڀارت جو خطي جو ٿاڻيدار بڻجڻ جو خواب ڀور ڀور ٿي ويو، اسان پهلگام واقعي جي شفاف جاچ تي زور ڏنو ۽ اڃا به ان جي لاءِ عالمي ڪميشن جوڙڻ جي تجويز ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ گڏيل اتفاق سان جيڪي ملڪ شامل ٿين، انهن کان جاچ ڪرائي وڃي، پاڪستان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو پر ڀارت اسان جي سنجيده ۽ پرخلوص آڇ جو جواب پاڪستان تي رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري ڏنو، معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، مودي انهن کي دهشتگرد چوي ٿو، هو پهرين پنهنجي ڇاتيءَ ۾ جهاتيءَ پائين، انهن کي خدا جو خوف هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف متحد آهيون پر دهشتگردي جي آڙ ۾ توهان پاڪستان ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ اهو به چاهيو ٿا ته پاڪ فوج کي اولهندي سرحدن تان هٽائي اوڀرندي سرحد تي مقرر ڪيو وڃي ته اها توهان جي غلط فهمي آهي، اسان جي فوج دهشتگردن جي خلاف ڏينهن رات ويڙهه ۾ آهي ۽ هو خوارج جهنم ڀيڙا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي شاهينن ڪهڙي طرح رافيل کي فيل ڪري ڇڏيو، مودي ٻڌي ڇڏ جيڪڏهن ٻيهر اها حرڪت ڪئي ته منهن جي کائيندين، اسان تيار آهيون ۽ جيڪڏهن ٻيهر حملو ڪرڻ جو سوچيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه بچي ويو اهو به ختم ٿي ويندو، اسان امن جا داعي آهيون، اچو گڏجي هن خطي کي امن جو گهوارو بڻايون، باهه نه لڳايون پر ان کي ختم ڪريون، پاڪستان قيامت تائين قائم ۽ دائم رهندو، اسان جو ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، ڀارت ڪشمير ۽ پاڻي جي معاملي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رکيو آهي، ڀارت نيلم جهلم پن بجلي منصوبي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڌيڪ نقصان نه ٿيو، جيڪڏهن وڌيڪ نقصان ٿئي ها ته اسان بگهليار ڊيم سميت ڀارت جي ٻين پاڻي ذخيرن کي تباهه ڪري ڇڏيون ها، اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، ڀارت ان صبر ۽ وقت مان فائدو کڻي ۽ قوم کي وڌيڪ دوکو نه ڏي، اسان امن ۽ جنگ ٻنهي جي لاءِ تيار آهيون.

مزید خبریں