اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ معرڪه حق ۾ زخمي فوجي جوانن جي عيادت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر زخمي جوانن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سردار اياز صادق پاڪ فوج جي زخمي جوانن جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن شهيد ٿيلن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته معرڪه حق جا شهيد ۽ غازي اسان جي سر جو تاج آهن. قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪار دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اسان جي هٿياربند فوج هر محاذ تي دشمن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪ فوج جي موجودگي ۾ دشمن ملڪ ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج کي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي، پوري قوم معرڪه حق جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي.