سيالڪوٽ-14 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهي. هيءَ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته آئون انهن بهادر فوجي جوانن وٽ آيو آهيان جيڪي وطن جي حفاظت ڪندي زخمي ٿيا ۽ هن وقت سي ايم ايڇ سيالڪوٽ ۾ علاج هيٺ آهن ۽ الله جي فضل سان صحتياب ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه هن سي ايم ايڇ سيالڪوٽ ۾ ڀارتي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل فوجي جوانن جي عيادت جي موقعي تي چئي. هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو ته هي زخمي جوان جنهن بهادري سان وڙهيا آهن، اتي صرف هڪ هڪ چيڪ پوسٽن تي سوين مارٽر گولا فائرڪيا ويا هئا، انهن زخمي جوانن جي همت کي سلام آهي ۽ اهي چئي رهيا آهن ته اسان صحتياب ٿي ٻيهر انهن ئي پوسٽ تي وڃي ان ئي بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪنداسين. اسان جا فوجي جوان ۽ آفيسر اسان جي آزادي جا ضامن آهن، اسان جي سرزمين جي حفاظت جي ضمانت آهن. هي هڪ قوم جي عزت ۽ آبرو جا محافظ آهن، پاڪستان جا ايندڙ نسل انهن جو احسان نٿا وساري سگهن. انهن جوانن جي ڪري الله تعاليٰ 78 سالن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان کي هڪ مڪمل ۽ فيصلائتي فتح عطا ڪئي آهي. هن چيو ته انهن جوانن جي ڪمانڊ بابرڪت ماڻهو ڪري رهيا آهن جڏهن اسان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي سپهه سالارن جي همٿ جوان هجي ۽ انهن جو وطن سان عهد لازوال هجي ته انهن جي ڪمانڊ ۾ وڙهندڙ جوان پنهنجي جان جي پرواهه کانسواءِ پنهنجي زمين جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا آهن.هن چيو ته ان جنگ جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان ان رات ايمان افروز لمحا هئا، ايمان تازو ٿي ويو ۽ مون کي ان شيءَ جو يقين آهي ته جيڪڏهن وري ڀارت اهڙي ڪا جارحيت ڪئي ته ان کان به وڌيڪ ذليل ۽ خوار ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته جيترا به جوان هتي يا ٻين اسپتالن ۾ زخمي آهن الله تعاليٰ انهن کي صحت عطا ڪري. انهن بهادر فوجي جوانن کي گهرجي ته هو سيالڪوٽ ۾ يا ڪنهن ٻي محاذ تي آهن کين اهو احساس هجڻ گهرجي ته هي قوم انهن جي ٿورائتي آهي. دفاع واري وزير چيو ته حملي کان اڳ سپهه سالار پاڻ فجر جي نماز جي امامت ڪرائي، جيڪو هڪ روحاني ۽ جذبي سان ڀرپور لمحو هو، هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهي ۽ اسان پنهنجي بهادر سپاهين جا ٿورائتا آهيون. ان کان اڳ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ دوران زخمي ٿيل فوجي جوانن جي سي ايم ايڇ سيالڪوٽ ۾ عيادت ڪئي. ان سان گڏ جي او سي 15 ڊويزن ميجر جنرل عمران خان بابر به موجود هو. دفاع واري وزير کي علاج هيٺ زخمين جي صحت ۽ علاج جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.