اسلام آباد -14 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي تازي لهر کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انهن خلاف ڪارروائيون ٿي رهيون آهن، جتان دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع يا انهن طرفان ڪا ڪارروائي ٿي ته سيڪيورٽي فورسز فوري جواب ڏيندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ اربين ڊالر خرچ ڪري چڪا آهيون، دهشتگردن خلاف ڪنهن خاص علائقي ۾ ڪو نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي. انهن علائقن جي چونڊ دهشتگرد ڪندا آهن ته ڪنهن علائقي ۾ نشانو بڻائڻو آهي اسان جي سيڪيورٽي فورسز انهن خلاف اتي ئي جوابي ڪارروائيون ڪنديون آهن ۽ انهن کي جهنم حوالي ڪنديون آهن. هن چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته دهشتگردي جي نئين لهر جو سبب ڇا آهي. ان ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهي، اهي ماڻهو انڊيا جا پراڪسي آهن ۽ انهي سبب جنگ ٿي. دهشتگردي خلاف جنگ سڄي ملڪ ۾ هلي رهي آهي. جتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا آهن اتي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪنديون آهن. ان فرض جي ادائيگي جي دوران شهيد ٿيلن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.