اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) باجوڙ کان قومي اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب چيو آهي ته رات جو منهنجي گهر کي بارود سان اُڏايو ويو، جيڪڏهن هڪ اسيمبلي ميمبر محفوظ ناهي ته عام ماڻهو ڪيئن ٿو رهي سگهي. اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض واري نُڪتي تي هن چيو ته اڳوڻا قبائلي علائقا گذريل 20 سالن کان جنگ جي حالت ۾ آهن، هزارين شهادتون ٿيون آهن، منهنجي ڀاءُ ريحان زيب کي شهيد ڪيو ويو. گذريل رات منهنجي گهر کي بارود سان اُڏايو ويو، الله جي شڪر سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. وزيراعظم، گهرو وزير ۽ آءِ جي ڪي پي ڪي ان واقعي جي فوري جاچ ڪرائين، منهنجي ڀاءُ جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.