اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارتي جارحيت دروان پي ٽي وي، سرڪاري نشرياتي ادارن ۽ قومي ميڊيا پنهنجون ذميواريون بهترين طريقي سان ادا ڪيون آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران ڊاڪٽر شهلا رضا جي سوال تي پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته پي ٽي وي انٽرنيشنل ميڊيا رائيٽس ۽ اسٽريٽجڪ واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏا خرچ برداشت ڪيا آهن. تازي ڀارتي جارحيت دوران ملڪ نازڪ حالت مان گذري رهيو هو جنهن ۾ پي ٽي وي ۽ سرڪاري نشرياتي ادارن پنهنجون ذميوارين بهترين طريقي سان ادا ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ميڊيا عالمي ميڊيا طور ميڊيائي جنگ درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ سان کٽي آهي. اسان جي ميڊيا فعال ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي بابت مسئلن کي حل ڪيو پيو وڃي.