اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فاٽا ۽ پاٽا لاءِ سيلز ٽيڪس ترميمي ايڪٽ بحال ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ڄاڻايل سيلز ٽيڪس ترميمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. فاٽا ۽ پاٽا جي رهواسين لاءِ سيلز ٽيڪس ايڪٽ جي جدول 6 تحت حاصل ڇوٽ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران پاڪستان وناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن (پي وي ايم اي) جي وڪيل حافظ احسان احمد کوکر چيو ته هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ جي متبادل قانونسازي جو اختيار نٿي رکي، عدالت درخواست ۾ ڪيل گذارش کان وڌيڪ رليف ڏنو، پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي اختيارن کي اورانگهيو آهي. سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ سيلز ٽيڪس ترميمي ايڪٽ ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو ۽ ايسوسيئيشن جي اپيلن تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. آئيني بينچ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اپيلن تي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل سيلز ٽيڪس ترميمي ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو.