اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ”منهنجو عزيز ترين ڀاءُ“ چئي مخاطب ڪيو. پنهنجي پوسٽ ۾ ترڪ صدر پاڪستان سان دلي محبت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر طيب اردوان شهباز شريف جي لاءِ پيغام ڏنو ته ”اسان سدائين توهان سان گڏ بيٺل آهيون.“ صدر اردوان پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستاني قيادت جي دانشمندي جي ساراهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ٽوئيٽس ۾ مٽاسٽا ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرمعمولي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ترڪ صدر ”پاڪستان ترڪيه دوستي زندهه آباد“ جو غيرمعمولي پيغام ڏنو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر جا پاڪستان جي حمايت تي ٿورا ادا ڪيا هئا.