اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين 13 لک افغان پناهگير وطن واپس روانا ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انجم عقيل خان جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري مختار علي ملڪ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ اٽڪل 30 لک افغان پناهگير هئا جن مان 8 لک 13 هزار وٽ اي سي سي ڪارڊز آهن، جڏهن ته 13 لک افغان پناهگيرن وٽ پي او آر ڪارڊز آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 13 لک افغان پناهگيرن کي پنهنجي وطن واپس روانو ڪيو ويو آهي، ون ڊاڪيومينٽ رجيم تحت جيڪي افغان شهري افغان اچڻ چاهين ٿا انهن لاءِ دروازا کليل آهن جڏهن ته جيڪي افغان شهري علاج، تعليم يا ڪاروبار لاءِ پاڪستان اچڻ چاهين ٿا انهن کي لاڳاپيل دستاويزن سان گڏ پاڪستان اچڻو پوندو.