اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت اسان تي جنگ مڙهي، اسان جي فورسز مبارڪن جي مستحق آهي جن دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، هاڻ جنگبندي ٿي چڪي آهي ته ڳالهيون اڳتي وڌڻ گهرجن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکين حالتن ۾ اسان کي گڏ کڻي هليو ۽ پاڪستان کي سرخرو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي …
ڀارت اسان تي جنگ مڙهي، اسان جي فورسز مبارڪن جي مستحق آهي، جن دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو: پ پ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت اسان تي جنگ مڙهي، اسان جي فورسز مبارڪن جي مستحق آهي جن دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، هاڻ جنگبندي ٿي چڪي آهي ته ڳالهيون اڳتي وڌڻ گهرجن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکين حالتن ۾ اسان کي گڏ کڻي هليو ۽ پاڪستان کي سرخرو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي جنرل سيڪريٽري سيد نيئر حسين بخاري ۽ مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري نديم افضل چن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا ڪندو رهيو، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميداراڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڀارت اسان تي جنگ مڙهي، جنگين ۾ انساني جانين جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، مودي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار آهي، ڀارت پهلگام واقعي جو بهانو ۽ جواز بنائي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت دهشتگرد آهي، اسان امن چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ نه ڏنو، اسان ته چئون ٿا ته پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪرايو، جڏهن به ڀارت ۾ ڪو واقعو ٿيو، ان جي جاچ ٿئي ته سامهون ڪجهه نه آيو، ڀارت جو حاضر سروس آفيسر پاڪستان ۾ جاسوسي ۽ دهشتگرديءَ ۾ ملوث پڪڙيو ويو. هن چيو ته هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڀارت کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، 87 ڪلاڪن جي جنگ ۾ ڀارت گهڻو ڪجهه وڃايو آهي، اسان ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڪشمير اسان جي ڳالهين جو اهم ٽاسڪ آهي. آمريڪي صدر ڪشمير تڪرار تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. پ پ پ پ جي جنرل سيڪريٽري نيئر حسين بخاري چيو ته اسان امن جا داعي آهيون پر پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا، پ پ جي قيادت پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بنايو، پاڪستاني ميزائل ٽيڪنالاجي به پ پ پ جي قيادت جو ئي ڪارنامو آهي، اسان جي فورسز مبارڪن جي مستحق آهي، جنهن دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پوري قوم متحد ٿي پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پوري دنيا آڏو عالمي ميڊيا تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پنهنجو بيانيو سامهون رکيو، قوم متحد ۽ هڪ نظر آئي. پاڪ فوج دشمن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو جنهن تي پوري قوم کي مبارڪون هجن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، جنگ نه. هاڻ جنگبندي ٿي چڪي آهي ته ڳالهيون به اڳتي وڌڻ گهرجن. پاڪ فورسز ڀرپور انداز ۾ ملڪ جو بچاءُ ڪيو، پوري قوم شيهي جي ڀت جيان نظر آئي. هن چيو ته مودي هاڻ پنهنجي نا اهلي ۽ شڪست لِڪائڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڀارت پهرين حملو ڪري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڀارت ۾ سينسرشپ ڪري قوم کي به ڌوکو ڏنو پيو وڃي. پ پ ڪڏهن به جنگ جي حمايتي نه رهي آهي، جنگ ۾ معصوم ماڻهن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، اسان امن چاهيون ٿا پر مڙهيل جنگ جو جواب ڏيڻ خوب ڄاڻون ٿا، جنهن جي تازي فتح مثال آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مؤقف جو دفاع ڪرڻو آهي. هن چيو ته هاڻ عالمي برادريءَ کي گهرجي ته ڪشمير مسئلي تي ڀارت کي باور ڪرائي ته هو گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پ پ مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو ته مودي ڪالهه پنهنجي شڪست کاڌل تقرير ڪئي، ان مڙهيل جنگ قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، اسان جي فورسز پوري قوم کي متحد ڪري ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، هاڻ سياسي پارٽين جو فرض آهي ته هو قوم کي متحد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جو شڪار آهي ۽ ڀارت دهشتگردي جو سهولتڪار آهي.












