اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان قومي بچاءُ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي، هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي حڪمت عملي تي قوم کي فخر آهي، پاڪستاني شاهينن ۽ شهبازن جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي، جنگ دوران نوجوانن بي خوف ٿي جهڙيءَ طرح سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو هو، اهو تعريف جوڳو آهي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي صلاحيتن ۽ اثرائتن فيصلن سان دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنايو ويو، ان عظيم فتح تي الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي حڪمتِ عملي تي قوم کي فخر آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف، نيول چيف ۽ سموري فوج کي فتح تي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي فوج ۽ اسان جي نوجوانن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن قوم متحد هوندي ته ڪاميابي مقدر بڻجندي، جن سائبر وارئرز جهڙيءَ طرح خدمتون انجام ڏنيون اهو تعريف لائق آهي. ڀارت ٽيڪنالاجي ۾ تمام اڳيان آهي، پاڪستاني نوجوانن اهو ڪوڙ به دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو، جنگ دوران نوجوانن بي خوف ٿي جهڙيءَ طرح سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو اهو تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي دشمن جي عزمن کي ناڪام بنائي ڇڏيو، پاڪستان جي فتح کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، چاهي معيشت جو ميدان هجي، چاهي زراعت جو، نوجوانن جي ٽيلنٽ کي پوري دنيا ۾ ڦهلائڻ آهي، پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ لهرائينداسين.