اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ويٽنام پارلياماني فرينڊشپ گروپ (پي ايف جي) جو افتتاحي بريفنگ اجلاس قومي اسيمبلي ميمبر ۽ انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري صبا صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ميمبرن آسيه ناز تنولي، شهناز سليم ملڪ، ڪرن حيدر، اختر بي بي ۽ شائسته خان شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ويٽنام ۾ پاڪستان جي سفير، واپار ۽ سيڙپڪاري واري اتاشي ۽ پرڏيهي ۽ واپار واري وزارتن جي عملدارن ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ مذهبي سياحت جي حوالي سان بريفنگ ڏني. پاڪستان ويٽنام پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر صبا صادق پاڪستان جي ٻڌمت جي ورثي سان واڳيل مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي زور ڏنو. هن چيو ته بين الپارلياماني رابطن کي مضبوط ڪرڻ سميت اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ميمبرن پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ، سفارتي ڪوششن جي حمايت ۽ عوام سان عوام ۽ پارلياماني تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.