اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ملڪ جي ڏاکڻين ميداني علائقن ۾ ٻنپهرن جي وقت ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دادو، سبي، تربت ۾ 45، روهڙي، خيرپور، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.