اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڀارت پنهنجي فالس فليگ سان هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ان مرحلي ۾ ڏڦيڙ جي صورتحال تي سوشل ميڊيا جو به ڪردار هاڪاري رهيو، پاڪستان صرف انهن ڀارتي هدفن کي نشانو بنايو جتان پاڪستان تي حملا ٿيا، ڀارت اسان جي شهري آبادي ۽ عبادتگاهن کي نشانو بنايو جيڪو مذمت جوڳو آهي. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙو، فريبي ۽ مڪار ملڪ آهي. هن چيو ته اسان جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا جو ڀرپور جواب ڏنو آهي، سوشل ميڊيا ملڪي مفاد ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو.