وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي مردان ۾ پاڪ فوج جي ريڊار آپريٽر شهيد محمد اياز جي گهر آمد

پشاور- 13 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام مردان ۾ پاڪ فوج جي ريڊار آپريٽر شهيد محمد اياز جي گهر پهچي مرحوم جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير، ڀارتي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل محمد اياز جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي قبر تي به حاضري ڀري. ان موقعي …

پشاور- 13 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام مردان ۾ پاڪ فوج جي ريڊار آپريٽر شهيد محمد اياز جي گهر پهچي مرحوم جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير، ڀارتي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل محمد اياز جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي قبر تي به حاضري ڀري. ان موقعي تي پوليس جي چست جٿي شهيد کي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته شهيد محمد اياز جهڙا بهادر پُٽ قوم جو فخر آهن، پوري قوم انهن بهادر پُٽن کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني فورسز شهيدن جي رت جو بدلو ورتو آهي ۽ شهيدن جون قربانيون اسان لاءِ مشعل راهه آهن. انجنيئر امير مقام چيو ته وطن جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ڀارت جي هر اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي اڳرائي پوري پاڪستاني قوم کي متحد ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي بهادر فوج، قوم ۽ ملڪ جي خودمختياريءَ جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي.