اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ صنعتي زون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي آسان قرض جي سهولت مهيا ڪئي ويندي، عورتن کي با اختيار بنائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪامپليڪس قائم ڪيا ويندا، جن ۾ عورت چيمبرز، جم، آڊيٽوريمز ۽ تربيتي مرڪز هڪ ڇِت هيٺان موجود هوندا. اهڙو اظهار هن چيف …
بلوچستان ۾ صنعتي زون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي آسان قرض جي سهولت مهيا ڪئي ويندي: ڄام ڪمال خان
اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ صنعتي زون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي آسان قرض جي سهولت مهيا ڪئي ويندي، عورتن کي با اختيار بنائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪامپليڪس قائم ڪيا ويندا، جن ۾ عورت چيمبرز، جم، آڊيٽوريمز ۽ تربيتي مرڪز هڪ ڇِت هيٺان موجود هوندا. اهڙو اظهار هن چيف ڊولپمينٽ آفيسر آسيه پروين سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير آسيه پروين طرفان بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جامع منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير بلوچستان ۾ شروع ٿيل منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته درست قدمن سان ڏورانهن علائقن ۾ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان کي عملي ۽ مقامي ڪميونٽيءَ تي ٻَڌل طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير تجويز ڏني ته سموريون آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون عوامي سهولتن جا مرڪز قائم ڪرڻ جون پابند رهن. هن چيو ته راندين ۽ تفريح جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير تمام ضروري آهي. وفاقي وزير ٻهراڙي علائقن ۾ گهريلو آمدني ۽ معاشي حالتون بهتر بنائڻ لاءِ ننڍي پيماني تي ڪاروبار وڌائڻ تي زور ڀريو. هن مقامي پورهيتن کي ننڍي پيماني تي مشينري جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ هنرمند افرادي سگهه تيار ڪرڻ لاءِ فني تعليم جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تربيتي پروگرامن ۾ وسعت جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ کجين جي روانگي واپار ۾ امڪانن جو ذڪر ڪندي لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جهڙن گودامن، سلاٽر هائوسز ۽ ڪولڊ اسٽوريج جي تعمير تي ضرورت تي زور ڀريو. هن تجويز ڏني ته اهي سهولتون نجي شعبي يا مقامي ايسوسيئيشنز ذريعي هلائي سگهجن ٿيون ته جيئن معاشي سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير، آسيه پروين کي هدايت ڪئي ته سمورن تجويز ڪيل منصوبن کي ترجيحي بنيادين تي درجا بندي ڪري ايندڙ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ مفصل ۽ جامع تجويز تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪئي وڃي.












