اسلام آباد-13 مئي(اي پي پي)حڪومتي قرضن جو ڳاڻيٽو مارچ جي پڄاڻي تائين 73 هزار 688 ارب رپيا ٿي ويو. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مارچ جي پڄاڻي تائين حڪومتي قرضن جو مجموعي ڳاڻيٽو 73 هزار 688 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري جي ڀيٽ ۾ 0.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق مارچ جي پڄاڻي تائين حڪومتي اندورني قرضن جو ڳاڻيٽو 51 هزار 518 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. فيبروري ۾ حڪومت جو اندروني قرضن جو ڳاڻيٽو 51022 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق مارچ 2025ع جي پڄاڻي تائين حڪومت جي پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 22 هزار 170 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري جي ڀيٽ ۾ 0.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. فيبروري جي پڄاڻي تائين حڪومت جي پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 22014 ارب پيا رڪارڊ ڪيو ويو هو.