اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مختلف ملڪن جي موثر سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي. اسڪاءِ نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا خصوصي ٿورا مڃيا آهن جنهن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ قطر پڻ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪي صدر پاران جاري ڪيل ٻئي ٽوئيٽ ۾ ڪشمير مسئلي جي حل جي لاءِ آمريڪي خواهش جو واضح اظهار ڪيو ويو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل جو خواهشمند آهي. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي اڃا تائين بند ناهي ڪئي ۽ هن وقت پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت وٽ پاڻي روڪڻ جي فني صلاحيت نه آهي. پهلگام واقعي جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ان افسوسناڪ واقعي تي ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ شفاف جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي جڏهن ته ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام هنيا. هن چيو ته هيستائين ڀارت هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي ڪنهن گروهه ان واقعي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 7 لک ڀارتي فوج جي موجودگي ۾ پهلگام جهڙي واقعو جو ٿيڻ ڀارتي سيڪيورٽي ۽ انٽيلي جنس جي بدترين ناڪامي آهي ۽ ڀارت ان واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾ بري طرح ناڪام ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جنگبندي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ پهريون رابطو ٿي چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اولهندي سرحدن تي دهشتگردن جي خلاف موثر ڪارروايون جاري آهن. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بيگناهه شهرين، جوانن ۽ آفيسرن جي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد گروهه جي ڪا محفوظ پناهگاهه موجود نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تازي جنگبندي پاڪستان جي ڪمزوري نه آهي پر ان جي حڪمت عملي ۽ سفارتڪاري جي ڪاميابي آهي. اسان ڀارتي فوجي ٺڪاڻن، هٿيارن جي ڊيپوئن ۽ عسڪري جاين کي نشانو بڻايو جڏهن ته ڀارت جا نقصان سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو. هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي فتح سڀني جي سامهون ظاهر آهي.