اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي پرائيم منسٽر ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي رولز آف بزنس جي رول 3 تحت ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي پرائيم منسٽر ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. بلال اظهر ڪياني ريلوي واري مملڪتي وزير جي طور تي ڪم جاري رکندي اها اضافي ذميواري پڻ سرانجام ڏيندو.