اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن ۽ شعبن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي، ٽيڪس چورن جي مدد ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو پڻ سخت احتساب ڪيو وڃي، ٽيڪس چوري جي روڪٿام جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هلندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جي آمدني جا هدف حاصل ڪرڻ طرف تيزي سان گامزن ٿيڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا ماڻهو ۽ شعبا جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ ٽيڪس نه ٿا ڏين، انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن ۽ شعبن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي، ٽيڪس چورن جي مدد ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو پڻ سخت احتساب ڪيو وڃي، ٽيڪس چوري جي روڪٿام جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪري عام ماڻهو تي بار کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ ڊيجيٽل مانيٽرنگ کي هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪيو وڃي، تماڪ جي شعبي ۾ ٽيڪس آمدني حاصل ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي قدم تيز ڪيا وڃن، ٽيڪس بابت التوا هيٺ ڪيسن جي موثر انداز سان پيروي ڪري ملڪ ۽ قوم جو پئسو حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف گامزن آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري کي نڀائڻو پوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ سيمنٽ پلانٽس ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل لاڳو سان ٽيڪس آمدني ۾ اربين رپين جو اضافو ممڪن ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته کنڊ جي صنعت ۾ ان نظام جي لاڳو سان نومبر 2024ع کان اپريل 2025ع تائين ٽيڪس آمدني ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ايف بي آر سڌارن جي ڪري ٽيڪس آمدني جو جي ڊي پي جو 10.6 سيڪڙو جو هدف حاصل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.