اسلام آباد-12 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن پنجاب، اسلام آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙا پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق (اڄ) اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي جڏهن ته پنجاب، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دادو 47، خيرپور، موهن جو ڊڙو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.