اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق جي دوران شهيد ٿيندڙن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج ۽ آپريشن ”بُنيان مرصوص“ جي شاندار ڪاميابي تي هر سال 10 مئي تي معرڪه حق ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، معرڪه حق ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا جڏهن ته زخمي ٿيندڙن کي 10 لک رپين کان 20 لک رپين تائين ڏنا ويندا. وزيراعظم 16 مئي 2025ع، جمعي ڏينهن پاڪستان کي دفاعي محاذ تي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين ۽ الله جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪرڻ جي ڏينهن جي طور ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معرڪه حق ڏهاڙو هر سال پوري ملڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، اسان جي بهادر فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم 16 مئي 2025ع جمعي ڏينهن پاڪستان کي دفاعي محاذ تي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين ۽ الله جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪرڻ جي ڏينهن طور ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. جمعي ڏينهن شڪراني جي ڏهاڙي جي تسلسل ۾ خصوصي نفل ادا ڪيا ويندا، الله جي بارگاهه ۾ شڪراني جو سجدو ادا ڪيو ويندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ دعائون ڪيو وينديون. وزيراعظم ڀارتي حملن کان متاثر ماڻهن ۽ ملڪيتن جي لاءِ پڻ وڏا فيصلا ڪيا آهن. وزيراعظم معرڪه حق جي دوران شهيد ٿيندڙن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، معرڪه حق ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا جڏهن ته زخمي ٿيندڙن کي 10 لک رپين کان 20 لک رپيا ڏنا ويندا. پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن کي رينڪ جي حساب سان هڪ ڪروڙ رپين کان 1.8 ڪروڙ رپيا رقم ڏني ويندي. پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن کي گهر جي سهولت لاءِ رينڪ جي حساب سان 1.9 ڪروڙ رپين کان 4.2 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. پاڪ فوج جي شهيدن جي رٽائرمينٽ جي تاريخ تائين انهن جي مڪمل پگهار الائونسز سميت جاري رهندي. پاڪ فوج جي شهيدن جي ٻارن کي گريجوئيشن تائين مفت تعليم ڏني ويندي، پاڪ فوج جي هر شهيد جي هڪ ڌيءَ جي شادي جي لاءِ 10 لک رپين جي شادي جي گرانٽ ڏني ويندي، پاڪ فوج جي زخمي ٿيندڙن کي 20 لک رپين کان 50 لک رپيا في فرد ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حملي ۾ متاثر ٿيندڙ گهرن، شهيد مسجدن جي تعمير وفاقي حڪومت ڪندي، شهيدن جي ٻارن جي ڪفالت حڪومت جي ذميواري آهي، اسان اهو فرض پورو ڪنداسين، زخمين جي علاج جو سمورو خرچ وفاقي حڪومت کڻندي. هن چيو ته پاڪستان جي عزت ۽ عظمت جي تحفظ ۽ دفاع ۾ جنهن به جنهن محاذ تي جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جو اعتراف قومي سطح تي ڪيو ويندو ۽ انهن کي اعزازن سان نوازيو ويندو.