فيصل آباد -12 مئي (اي پي پي) لاهور والٽن روڊ تي ڀارتي حملي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي حوالدار محمد نويد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پاڪ فوج جي شهيد حوالدار محمد نويد جي جنازي نماز حاجي ڪيمپ گرائونڊ سرگوڌا روڊ فيصل آباد ۾ ادا ڪئي ئي. جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، جوانن، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن، سياسي سماجي شخصيتن، عالم سڳورن، شاگردن، مٽن مائٽن ۽ علائقي واسين سميت هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي وئي. شهيد جي پونئرن ۾ سندس بيوه، هڪ پٽ ۽ چار ڌيئر شامل آهن. شديد زخمي حوالدار محمد نويد آچر تي شهيد ٿي ويو هو. شهيد کي پوري فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آرمي جي چست جٿي سلامي پيش ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي.