اسلام آباد-12 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، ڊسٽرڪٽ اسپتال ڪوٽلي جو دورو ڪيو. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران فائرنگ سبب زخمي ٿيل سويلين جي عيادت ڪئي ڀارتي فوجين جي شيلنگ سبب معصوم نياڻي به شديد زخمي ٿي. جاري بيان مطابق وزيراعظم پاڪستان ۽ آرمي چيف جي خصوصي هدايت تي دورو ڪيو آهي. هن چيو ته زخمي ٿيل ٻارڙي جو ڀاءُ شهيد ٿي ويو آهي، الله تعاليٰ شهيد جي وارثن کي صبر جميل عطا ڪري. وزير، زخمين جي خيريت پڇي ۽ ان جي حوصلي کي داد ڏنو. هن هدايت ڪئي ته سمورن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. زخمين جو مڪمل ۽ مفت علاج حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت زخمي شهرين سان گڏ آهي. هن چيو ته قوم سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي وطن جي دفاع لاءِ متحد آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر اڀري سامهون آيو آهي. پاڪستان جي تحفظ سلامتي لاءِ سڄي قوم متحد آهي. هن چيو ته اسان جي قوم هڪ ڀيرو ٻيهر زنده قوم هجڻ جو عهد نڀايو آهي، اسان سندن ڏک جي گهڙي ۾ انهن سان گڏ آهيون.