اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورن شعبن ۾ اڳ کان موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.