سرينگر -12 مئي (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سميت مختلف آزادي پسند تنظيمن ۽ اڳواڻن ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪستان جي ساراهه ڪئي آهي ۽ آپريشن ”بنيان مرصوص“ دوران پيشيواراڻي مهارت، جرئت ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪرڻ تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاست سرينگر مان جاري هڪ بيان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت طرفان جنگ بندي جي اعلان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته هي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي هڪ حل طلب عالمي تڪرار طور تي موجود آهي ۽ ان کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏيڻ جي ڀارتي دعويٰ کي رد ڪري ٿو. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري جي نئين تاريخ لکي آهي ۽ هندو پرست پوئلڳن کي ناڪام بڻايو آهي. هن چيو ته ڀارتي جيٽ جهازن ۽ ڊرونز کي ڪيرائڻ ۽ دفاعي نظام ۽ فوجي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ هڪ عظيم ۽ تاريخي فتح آهي.